شنڪر آنند ڀارتي مندر جو اندريون ڏيک

شنڪر آنند ڀارتي مندر جو اندريون ڏيک

شنڪر آنند ڀارتي مندر شڪارپور

شنڪر آنند ڀارتي مندر شڪارپور: هي شڪارپور جو تاريخي مندر آهي. هن مندر جي عمارت عمارتسازيءَ جو هڪ شاهڪار آهي. هن عمارت کي ’قبن وارو مندر‘ به چوندا آهن. 1853ع ۾ هيءَ عمارت ڪچي مندر جي صورت ۾ تعمير ٿي، چيو وڃي ٿو ته شوقيرام هن مندر لاءِ زمين ڏني ۽ ڪچو مندر تعمير ڪرايو. بعد ۾ 1877ع ۾ مندر جي موجوده پڪي عارت تعمير ٿي. هي مندر شڪارپور ۾ سنڌ واهه جي ڀرسان واقع آهي، هن مندر جو پهريون گاديسر شنڪر آنند ڀارتي نارائڻ داس هو، ان کانپوءِ جن شخصيتن هن مندر جي گادي سنڀالي تن ۾ سوامي راما نند ڀارتي، رشي گوتمانند ڀارتي، سوامي شاما نند ڀارتي، سوامي سهجا نند ڀارتي، سوامي ڪيشوا نند ڀارتي، سوامي پرمانند ڀارتي. هن وقت هن مندر جو ڪوبه گاديسر نه آهي، هي ٽرسٽي ۽ منڊل جي نگهبانيءَ ۽ سماڌا آشرم جي سرپرستيءَ ۾ هلي رهيو آهي. هي مندر پراچين آسٿان آهي. هزاري در اندران، قاضي حبيب الله پرائمري اسڪول جي سامهون هڪ ننڍڙو مندر به شنڪر آنند ڀارتيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ ٺهيو. هن مندر جي خاص ڳالهه اها آهي ته ڪنهن زماني ۾ جڏهن هن مندر جو اوج هو، ته اتي گرو نانڪ جو ميلو لڳندو هو، جيڪو پندرنهن ڏينهن جاري رهندو هو. هر گذرندڙ ريل گاڏي هتي بيهندي هئي. هن وقت به هتي گرونانڪ جي جنم جي ڏينهن تي ٽي ڏينهن ميلو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو